ڇا انسان جي قدر ۽ قيمت آهي انسان جيئڻ لاءِ سڀ ڪجه ڪري ٿو پر پله ڀر جي ڪا خبر نه آهي. ڪله مان ماني پيو کايان ته فليٽ هيٺيان 5،6 فائرن جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا ته مان ماني ڇڏي دري کان هيٺ ڏسڻ بيٺس ته عجيب منظر هو هر هنڌ افراتفري متل هئي ڪارن وارا ڪارون ڪائي ڀڄن پيا ته ڪجه ماڻهون ڪارن جي پويان لڪيل هئا ته ڪجه پنهنجي جان بچائڻ لاءِ پري ڀڃي رهيا هئا. ڪجه گهڙي کان پوءِ ماڻهو فائرنگ واري هنڌ وڃن لاءِ ڍڪي رهيا هئا ته مان به سوچيو مان به ڏسي اچان تماشو ٿئي هڪ پاڪستاني اهو به سنڌي تماشو ڏسڻ نه وڃي اهو ٿي نه ٿو سگهي، جڏهن واقعي واري هنڌ ويس ته ڇا ڏسان هڪ همراه اونڌو سمهو پيو آهي جيڪو چرپر کان آجو آهي ٻيو زخمي حالت ۾ پاسا بدلائي رهيو آهي هنن جون عمرون 30 کان 35 سالن جي وچ ۾ هونديون ڏسڻ ۾ مهاجر پيا لڳن، انهي مهل پوليس جي ڪار آئي جنهن ۾ يڪدم زخمي کي اسپتال کڻي ويا جنهن کانپوءِ هڪ عجيب احساس محسوس ٿيو ته اڄان پوليس وارن ۾ به انسانيت باقي آهي، اتي بيٺل همراهن ٻڌايو ته هي لينڊ ڪروزر وارن کان ڦر ڪري ڀڃن پيا ته انهن هنن کي گوليون هڻي ڀڃي ويا ڪن چيو ته هي لينڊڪروزر وارن کان ڦر ڪري ڀڃن پيا ته انهن گاڏي مان اسحلو ڪڍي هنن تي فائر ڪيا ڪن مطابق ويندر گاڏي جي گارڊن هنن کي فائر ڪيا جيترا منهن اوترون ڳالهيون حقيقت ڇا هئي اها الله کي خبر ان کانپوءِ پوليس جون ڪافي سارون گاڏيون اچي ويون جن جي ڏيڍ ٻه ڪلاڪ تفتيش سان گڏ پلاٽ تي سرچنگ ڪري رهيا هئا جتان فائرنگ ڪئي وئي هئي. فائرنگ جي ڪلاڪ کان پوءِ ائين پيو لڳي ڪو واقعو ٿيو هي نه هو هر شيءِ پنهنجي مطابق پئي هلي. اها آهي حياتي! جيڪي مريا يا جن ماريو ٻنهي جي گهر ۾ ماتم ۽ِ روڄ پٽڪو هوندو، اهي به ڪنهن جا ڀائر ته ڪنهن جا پٽ ته ڪنهن جا پيئر هوندا، جڏهن پاڻ تي نظر ڪجي ٿي ته الله جي شڪر سان هر شيءِ آهي ڪنهن قسم جي ڪمي نه آهي ته پوءِ به چوندا آهيون مهنگائي آهي جيڪو ڪمايون ٿا اهي کائون ٿا وري جڏهن ان قسم جي ماڻهن کي ڏسندا سين ته پاڻ سوچڻ تي مجبور ٿي ويندا سين ته ايتري مهنگائپ ۽ غربت آهي جو عام ماڻهو ڪيئن کائيندو هوندو جنهن کي نه نوڪري آهي نه وري ڪو هنر نه وري ڪا انڪم جو ذريعو پوءِ اهي ويچارا کائڻ ۽ جيئڻ لاءِ ڦران نه ڪندا ته ٻيو ڇا ڪندا، اهي به الائي ڪهڙي مجبوري جي ڪري جان جي پرواه ڪئي بغير گهران نڪتا هوندا!

Share


روهڙي بکر ۾ پير صدر الدين شاه جي درگاه تي ٽن سالن ۾ 72 لک بينڪ ۾ جمع ڪرايا ويا آهن هي پئسا انهن کان علاوه آهن جيڪي زري مان لڪڙي سان ڪڍيا ويا يا اوقاف کاتي وارن گم ڪيا. منهنجي چوڻ جو مقصد ته هن ننڍي درگاه تي ايترو پئسو پيو آهي ته قلندر ۽ ڀٽائي سرڪار جي درگاهن ۾ ڪيترو پئسو پوندو هوندو
Share

هڪ اها قرباني هئي جو پنهنجي پٽ جي قرباني ڪرڻ مهل اکين تي پٽي ٻڌي وئي ۽ هڪ هي قرباني آهي جو پنهنجي کليل اکين جي اڳيان پنهنجي اولاد، اصحابن ۽ گهر ڀاتين کي الله جي راه ۾ قربان ڪيو ويو

سلام يا حسين عليه السلام

Share


هر ڪنهن وٽ دلائل آهن پاڻ وٽ به دلائل آهن ته مخالفن وٽ به، پر فتواه ڏيڻ کان پهريان پاڻ کي مذهب فرقو پارٽي وغيره وساري ٻنهي جا دلائل پڙهي سمجهي عقل سان فيصلو ڪرڻ کپي ته ڪير صحيح ۽ حق تي آهي وغير

Share


سڄي فوج ۽ راج کي پنهنجي بادشاه جي ڪري همت ايندي آهي جڏهن بادشاه قتل ٿيندو آهي يا همت وڃائي ويهندو آهي ته ان بادشاه جي فوج ۽ راج به همت وڃائي ويهندو آهي پر افسوس پاڻ وٽ سٺو بادشاه يا سپه سالار نه آهي جنهن سان عوام ۾ همت اچي
Share


اڄ جي ڪامياب هڙتال حڪمرانن جي لاءِ اگر سمجهن ته خطري جي گهنٽي آهي، حڪمرانن کي سمجهڻ کپي ته جڏهن فل مينڊيٽ باوجود هڪ غلط فيصلي جي ڪري سڃي سنڌ مخالف ڪري روڊن تي نڪري سگهي ٿي ته سنڌي حق حاصل ڪرڻ لاءِ انقلاب به آڻِي سگهن ٿا، بس سنڌين کي ننڊ مان اٺارڻ لاءِ ڪو ليڊر ملي
Share


مسلمان هندن ۽ شيعن سان ايتري نفرت ڪن ٿا جيتري يهودين ۽ ڪافرن سان به نه ٿا ڪن،
مسلمان، اهلبيت ع.س. کي مڃڻ/محبت ڪرڻ وارن کي غليط ترين ڪافر سڏين ٿا، ڇاڪاڻ ته مسلمانن جي ٺاهيل مجازي خدائن کي نه ٿا مڃن ۽ رسول الله جي حڪم موجب علي ع.س. کي رسول الله جو جانشين مڃن ٿا. جيڪو به اهلبيت کي مڃندو اهو هنن جو دشمن آهي انسان ته ڇڏيو هنن کان غريب پکي به بچي نه سگهيا آهن جنهن ۾ مومن پکي چٻرو (الو) کي به هنن نحوست وغيره سان خطاب ڏنا آهن،

هندو اهلبيت ع.س. کي دل ۽ جان سان مڃن ٿا، اهلبيت عليه السلام جا سنڌ سان واسطا آهن ۽ شيعن جي ڪافي ڪتابن ۾ سنڌ ۽ سنڌين جي ذڪر سان ڀري پئي آهي، جنهن ۾ ڪجه حديثون هي آهن

رسول الله (صلي الله عليه وآل وصلم) فرمايو، مون کي سنڌ جي طرف کان ٿڌي هير ٿي اچي.
حضرت امام علي عليه السلام فرمايو، سنڌ اها زمين آهي جِتان علم جو سج اڀرندو آهي.
حضرت امام حسين عليه السلام فرمايو، دل جي خوائش هئي ته مان سنڌ وڃان.

علي بن عبدالله اسواري، مکي بن احمد کان روايت ڪئي آهي هن چيو ته مان اسعاق بن ابراهيم کان ڳالائيندي ٻڌو، هن چيو ته مان هندستان جي هڪ بادشاه سربايڪ کي شهرصوح ۾ ڏٺس ته مان هن کان پڇيس ته توهان جي عمر گهڻي آهي؟ هن چيو؛ 925 سال
علي بن عبدالله اسواري، مکي بن احمد کان روايت ڪئي آهي هن چيو ته مان اسعاق بن ابراهيم کان ڳالائيندي ٻڌو، هن چيو ته مان هندستان جي هڪ بادشاه سربايڪ کي شهرصوح ۾ ڏٺس ته مان هن کان پڇيس ته توهان جي عمر گهڻي آهي؟ هن چيو؛ 925 سال
۽ هي بادشاه مسلمان هيو، خيال ڪيو وڃي ٿو ته حضور الصلعم هن ڏي پنهنجن اصحابن مان ڏه ماڻهو موڪليا جنهن ۾ حذيفه بن يمان، عمرو بن العاص، اسامه بن ذيد، ابو موسٰي اشعري، صعيب رومي ۽ سفينه وغيره به هيا، هنن ماڻهن هن کي اسلام قبول ڪرڻ جي دعوت ڏني ۽ هي مسلمان ٿي ويو، هن حضور الصلعم جو موڪليل خط کي چمي ڏني، مان هن کان پڇيس ته توهان ڪراڙا ٿي ڪري نماز ڪيئن ٿا پڙهو؟
هن جواب ۾ هي آيت پڙهي؛
الذين يذڪرون الله قياما و قعودا و علي جنوبهم…………
سوره آل عمران آيت 191 يا
جيڪي بيٺي ۽ ويٺي ۽ پنھنجن پاسن ڀر الله کي ياد ڪندا آھن ۽ آسمانن ۽ زمين جي بڻاوت ۾ فڪر ڪندا آھن، (۽ چوندا آھن ته) اي اسانجا پالڻھار ھنن کي بي رٿو نه بڻايو اَٿيئي، توکي پاڪ ڄاڻون ٿا تنھنڪري اسان کي باہ جي عذاب کان بچاءِ.
اهي ماڻهو جيڪي الله جو ذڪر ڪندا آهن بيهي ڪري، ويهي ڪري ۽ پاسيرو سمندي سمندي………..
پوءِ مان پڇيس؛ توهان جو کاڌو ڇا آهي
هن جواب ڏنو؛ گوشت جي يخني (سوپ) اور …………
مان مالوم ڪيس؛

اهڙي نموني هندن جي ڪافي پراڻن ڌرمي ڪتابن ۾ اهلبيت جو ذڪر ملي ٿو (شايد 18 شاستر ۾ آهي ) ۽ اوتارن خود اهلبيت جو ذڪر ڪيو آهي جنهن ۾ شنڪر ڀگوان، رام، گوتم ٻڌ جون پيشنگوئيون عام ملن ٿيون

اوم لفظ جي معني هي علي ع.س. آهي ۽ ڪجه ٻيا به نالا آهن، امام حسين جنهن راحب کي ست پٽ ڏنا اهو اصل ۾ هندو هيو جنهن جا ابا ڏاڏا سڪندر اعظم سان عراق ويا هئا. جنهن جي اولاد هن وقت به پنجاب انڊيا ۾ حسيني برهمڻ جي نالي سان مشهور آهي،
حضرت امام زين العابدين عليه السلام جي شادي سنڌ مان ٿيل هئي (منصوره موجوده نوابشاه) جنهن مان حضرت زيد شهيد پيدا ٿيا هئا، حضرت زيد شهيد جا گهڻا جانثار سنڌي هيا.

راجا ڏاهر جي چاچي راجا چندر جي گهرواري امام حسين جي گهرواري سڳي ڀيڻ هئي، راجا چندر جنرل ڀوريا دت جي ڪمانڊ ۾ 5000 سپاهي امام حسين ڏي موڪليا جيڪي وڏي سفر جي ڪري ڪربلا جي واقعي کان پوءِ عراق پڳا هي سپاهي امير مختيار سان گڏجي بنو اميه کان بدلو ورتائون. راجا ڏاهر به اهل بيت جي محبت جي ڪري ئي مسلمانن جي تاريخ ۾ بدنام ٿيو ۽ شهيد ٿيو وغيره
مسلم تاريخ ۾ مظلوم ترين انسان اهلبيت آهن جن سان مسلمانن ڇا ڪيو اها توهان کي به خبر آهي، بيبي فاطمه الزهرا سلام الله عليه کي شهيد ڪيو ويوبيبي جون 40 تربتون ٺاهيون ويون، بيبي جو درجو گهٽائڻ لاءِ رسول جي ڀاڻيجن کي بيبي جون ڀينرون ڪيون ويون وغيره، بني اميه جي ظلم جي ڪري علي ع.س. کي رات جو دفن ڪري تربت کي پوشيده ڪيو ويو جيئن تربت مان لاش ڪڌي ڪري پامال نه ڪيو وڃي. وغيره

جڏهن مسلمان پنهنجي نبي جي گهروارن کي نه ڇڏيو ته پوءِ هندن کي ڪيئن ڇڏيندا.
”اهلبيت عليه السلام جا سنڌ سان واسطا” تي تحقيق ڪجي ته هڪ مڪمل ڪتاب لکي سگهجي ٿو

هاڻي توهان ئي ٻڌايو ته مسلمان هندن کان نفرت نه ڪن

Share


1. سيد ظفر علي شاه موسوي معروف مسڪين شاه هر جمع ڏينهن بعد نماز جمع وڏي مسجد (موسوي مسجد) ۾ مجلس ڪرائيندو هو، جنهن ۾ راوي (نياز علي) مجلس پڙهندو هو بقول راوي جي ته 1970 کان 1982/83 تائين اهي مجلسون ٿينديون رهيون. سيد صاحب کيس هڪ روپيو مجلس پڙهاڻي ڏيندو هو.

2. سيد فضل حسين شاه موسوي ۽ سيد يعقوب علي شاه موسوي ٻئي ڄڻا نائين رات روهڙي ۾ مجلس پڙهندا هئا. فضل حسين شاه وڏو سوز وارو ذاڪر هو ۽ اڪثر ڀيروي (سر) مان پڙهندو هو، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته کيس راڳ جي به پوري پوري ڄاڻ هئي.

20 جون 2011

Share


جڏهن به صليبي جنگين جو ذڪر ايندو ته توهان کي يقدم هڪ نالو ڪلڪ ٿيندو.

“صلاح الدين ايوبي”

جيڪو صليبي جنگين سان مشهور آهي دراصل اهو ظالم بادشاه هو جنهن عاضد جو احسان مڃڻ بدران هن جي حڪومت تي قبضو ڪيو ان جو سڀ ڪجه ايتري تائين جو ان جو گهوڙو به ضبط ڪيائين مسلمانن کي بيگناه قتل ڪرايائين عورتن ۽ ٻارن کي به نه ڇڏيائين، اسڪندريا لائبريري جي مقابلي جي لائبريري جنهن ۾ فقه، حديث، لغت، تاريخ، ادب، طب، ڪيميا، فلڪيات وغيره جا تقريبن 2 لک ڪتاب هئا انهن کي ساڙيائين، يورپ جي عيسائن سان معاهدي باوجود هنن سان جنگ ڪئي وغيره

Share


سائنس جي حساب سان دل پمپنگ مشين آهي پر پاڻ اسلام جي روشني ۾ ڏسون ته
قرآن ۾ ذڪر آهي دلين تي مهرون لڳيل آهن الغ ان قسم جو کوڙ سارون حديثون ۽ روايتون آهن هن جو ڇا مقصد آهي يعني دل پمپنگ مشين سان گڏوگڏ ڪجه ٻيا به عمل ڪري ٿي جنهن تي سائنس اڃان تائين نه پهنتي آهي
Share